پکار کاري

پکار کاري: درياهه يا درياهي شاخ يا واهه اچي جنهن جڳهه تي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن، اُن کي ’کاري‘ چئبو آهي. ’پکار کاري‘ سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ جتن جي ڳوٺ هزاري فقير کان نڪري هڪ وڏي دڙن واري ايراضيءَ تي ’سير کاري‘ سان ملي ٿي. هن جي ڊيگهه پندرهن ميل کن آهن.
پکار ڳوٺ: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”ڪڪرالي ۾ هڪ ڳوٺ پکار ڳوٺ جي نالي سان آباد هو، جنهن ۾ پير لاکو دفن ٿيل هو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو